شهيد امين فقير مڱريو

شهيد امين فقير مڱريو

شهيد امين فقير مڱريو

شهيد امين فقير مڱريو (ڪتاب): هي ڪتاب حُرُ جماعت جي چيف خليفي ۽ مجاهد فورس جي سالار ڪمانڊر فقير محمد امين مڱريو جي زندگي ۽ جدوجهد بابت عبدالستار وسطڙي ترتيب ڏنو. ڪتاب جي ارپنا ستين پاڳاري جي فرزند سيد صدر الدين شاهه راشدي جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب بابت ‘ٻه اکر’ مرتب لکيا آهن، جڏهن ته ‘سرو قدارا سپرين’ عنوان سان مهاڳ نامور دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ فقير محمد امين مڱريي بابت چراغ الدين هنڱورو، ڊاڪٽر ڪريم مهر، سردار ڀيو، مانجهي خان ڀنڀرو ۽ حافظ سخي محمد مهراڻ جون تحريرون ۽ خليفي فقير عبدالله مڱريي جو شهيد محمد امين جي ساروڻين بابت انٽرويو شامل آهن. ڪتاب جي پوئين حصي ۾ فقير امين کي 1965ع جي جنگ ۾ ڀارت جو 1200 ڪلوميٽر تائين علائقو فتح ڪرڻ تي صدر پاڪستان محمد ايوب خان ۽ ٻين اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ادارن پاران مليل سرٽيفڪيٽ ۽ آفرين ناما شامل ڪيل آهن.
ڪتاب جي آخر ۾ حرن هٿان ڀارت جي فتح ڪيل علائقن سان گڏ ڪجهه ٻيون يادگار تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي فقير محمد امين جي تصوير ۽ بيڪ ٽائيٽل تي تعارف ڏنل آهي.
ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب وير پبليڪيشن حيدرآباد، نومبر 2006ع ۾ ڇپايو. ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو